پير پٿوري جو مقبرو

پير پٿوري جو مقبرو

پير پٿوري جو مقبرو

پير پٿوري جو مقبرو (ماڳ ):مشهور بزرگ پير پٿوري جو مقبرو، پٿوري نالي سان منسوب تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ پير پٿوري ۾ موجود آهي، جيڪو چيو وڃي ٿو ته 15 صديءَ هجري جي آخر ۾ 1498هه ۾ تعمير ڪرايو ويو. هي مقبرو ميرپورخاص - ڇور ريلوي اسٽيشن تي موجوده پير پٿورو ريلوي اسٽيشن کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر اتر طرف آهي. مقبرو هڪ وڏي ويڪري ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن تي چڙهي وڃڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان هڪ شاندار ۽ ڪشادي ڏاڪڻ آهي، جيڪا سندس ميگهواڙ عقيدتمندن چندو ڪري ٺهرائي آهي. مقبري جي ڀرسان پير پٿوري جي والدين جون قبرون موجود آهن، جن تي ڪاٺ جا پينگها ٺهيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو